عادلپور ويجھو ڳوٺ خالق ڏنو ٻرڙو جو رھواسي پاران زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف گهروارن سميت احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي غريب پورھيت گاھي ٻرڙو بااثر ڌر مٿان الزام لڳائيندي چيو ته انهن جي 27 ويسا زمين ديھ ڀيٽور ۾ آهي جنھن تي رحيم بخش ميتلو ۽ ان جا مائٽ زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ انهن سندس ڪڻڪ جو فصل به ڀيلائي ڇڏيوآهي ۽ کيس موتمار ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا ، هنن سنڌ جي وڏي وزير ، ڊي آء جي سکر،ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيوانهن کي قبضو واپس ڪرائي انهن سان انصاف ڪيو وڃي.