ميهڙ: عوامي تحريڪ پاران 12 هين ڏينهن به وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج جاري

عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان ٻارهين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، مشتاق چانڊيو، نجيب مهيسر، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج جاري رکيو ويو ، امن ڏيو يا استعيفا ڏيو، ڦرون ڌاڙا نامنظور، شهري ڦرائڻ،شهري آزارڻ بند ڪريو جا نعرا پڻ هنيا ويا ، ان  موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ انتظاميا ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي جيڪا شهر جي امن امان جي بهتري لاءِ ڪوبه تحرڪ ڪونه پئي وٺي، هنن چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان  مطالبو ڪيو ته ميهڙ تعلقي سميت دادو ضلعي ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي فوري طور  ڪارروائي ڪئي وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.