ڪوٽڙِي: ملڪ اسد سڪندر جي سماجي اڳواڻ محمد حسن قمبراڻي سان تعزيت

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اسد سڪندر ڪوٽڙي جي سماجي اڳواڻ محمد حسن قمبراڻي جي وڏي ڀاءُ محمد عمر قمبراڻي جي وفات تي سندس تڏي تي پهچي قمبراڻي برادري سان تعزيت ڪئي ۽ فاتح خواني ڪري مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي حبيب الله قمبراڻي، غلام رسول غرق، علي حسين قمبراڻي، شڪيل قمبراڻي، ماستر نياز کوسو، ڊاڪٽر  ڀون مل سليم برفت، ۽ شهر جا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.