توهين عدالت ڪيس: شهزاد اڪبر ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي ٻيهر نوٽيس

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) عدالت خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز مشرف غداري ڪيس ۾ خاص عدالت جي ججن خلاف وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس جي معاملي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

قانون بابت وفاقي وزير فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته مون لاءِ عدالتن جو احترام سڀ کان اهم آهي، پنهنجي بيان تي شرمندو آهيان.

عدالت فروغ نسيم کي پيشي کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.