ڀرياروڊ :ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

ڀرياروڊ جي ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾ 10 ڏينھن اڳ پلاٽ جي مالڪي تان مارجي ويل ڳوٺاڻي مقتول بخشل ابڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،   مقتول جي وارثن ولي محمد ابڙو  ‚ جان محمد ‚ گلزار ابڙو ۽ ٻين  پلي ڪارڊ کڻي ڀرياروڊ جي فاروق اعظم چوڪ تي احتجاج ڪندي چيو تـ  جوابدار ڌر بااثرن سان ملي ڀرياروڊ پوليس کي ڳري رشوت ڏئي گھرن مٿان مورچا ٺاھي روزانو رات جو فائرنگ ڪري رهي آهي ،  ھنن الزام هنيو تـ اڳوڻو  ايم پي اي جوابدارن جي پٺ ڀرائي ڪري رھيو آھي،   ھنن  ڊي آ۽ جي شھيد بينظير آباد توڙي ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مقتول بخشل ابڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.