عامر جي بيانن سان تڪليف ٿي، سندس واپسيءَ لاءِ وڙهيو هيس: وقار يونس

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته نيوزيلينڊ دورو ڏکيو هو ۽ ڪورونا سبب وڌيڪ ڏکيائيون پيش آيون.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته مان ڪجهه لڪائڻ ناهيان آيو پر حقيقتون ٻڌائڻ آيو آهيان، نيوزيلينڊ دورو ڏکيو هو پر ان تي ڪا معذرت ناهي، رانديگر ان فٽ ٿيا ۽ ڪورونا سبب وڌيڪ ڏکيائيون ٿيون، اسان پهرين ٽيسٽ سٺي کيڏي پر ٻي ٽيسٽ بهتر نه کيڏي سگهياسين.

هن چيو بالرن تي فخر آهي ته انهن ڏکين حالتن ۾ سٺو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نسيم شاهه غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ نوجوان بالر آهي، نيوزيلينڊ جي ڪنڊيشن ۾ سڀني کي ڏکيائي ٿيندي آهي، هاڻ ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز تي نظرون آهن.

محمد عامر بابت سندس چوڻ هو ته ان جي بيانن سان ڏاڍي تڪليف ٿي، هو شاندار ڪرڪيٽر آهي ۽ مان ته سندس واپسي لاءِ وڙهيو هيس، نجم سيٺي سان وڙهيس ۽ رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته کيس موقعو ڏيڻ گهرجي.

وقار يونس چيو ته ڪوچنگ جو دارومدار ڪارڪردگي تي هوندو آهي، پرفارمنس سٺي هوندي ته اڳتي موقعو ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.