”مخالف ڌر پنهنجي تحريڪ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪي آهي“

راولپنڊي(ويب ڊسيڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مخالف ڌر پنهنجي تحريڪ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪي آهي.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان 15 سالن کان بجلي جي مسئلي کي منهن پيا ڏيون، بجلي جي معاملي تي گذريل حڪومتن کان غلطيون ٿيون، هن کي به واٽس ايپ تي پيغام مليو آهي، واٽس ايپ جو مسئلو رڳو پرائيويسي سان لاڳاپيل ناهي دنيا جو دارومدار ڊيٽا تي آهي، هر انسان کي ڊيٽا جي حوالي سان تحفظ گهرجي، اسان ان حوالي سان نئون قانوني مسودو تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪليو ويندو.

فواد چوڌري چيو ته صنعتون بحال ٿينديون ته روزگار به ملندا پر اسان کي متبادل مارڪيٽن کي ذهن ۾ رکڻو آهي، مستقبل ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس گهڻن ئي شعبن ۾ جدت آڻيندي، ڊاڪٽرن وٽ هاڻ رڳو 10 کان 15 سال آهن ان کان پوءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ڊاڪٽرن جو رهڻ ڏکيو ٿي ويندو، جديد ڊاڪٽر موجوده ڊاڪٽر کان هزار سيڪڙو موثر هوندو.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن سال ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي سرڪاري اسڪولن ۾ نائين ۽ ڏهين تائين اسڪالر شپ ڏيون، ميٽرڪ ۾ ٽاپ ڪندڙن کي 10 هزار جڏهن ته انٽر ۾ ٽاپ ڪندڙن کي 12 هزار جي اسڪالر شپ ڏينداسين جڏهن ته رياضي ۾ ٽاپ ڪندڙن کي الڳ کان اسڪالر شپس ڏنيون وينديون.

هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌ جو ڪم مخالفت ڪرڻ هوندو آهي پر هن جي تحريڪ جو اخلاقي جواز ناهي، هي ابو بچايو مهم آهي جيڪا ناڪام ٿي چڪي آهي، پاڪستان جي ماڻهن هنن جو ڪٿي به سهڪار ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.