ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ، ڪراچي کي پاڻي ڏيندڙ لائين ڦاٽي پئي

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن  ۾ بجلي جو اوچتو بريڪ ڊائون  ٿيڻ سبب  72 انچ قطر واري پنج نمبر  لائن ڦاٽي پئي،  جنھن جي ڪري ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلائي معطل ٿي وئي ،جڏهن ته پائيپ لائين ڦاٽڻ سان شهري علائقو مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي  ، ڦاٽل پائيپ لائين جو  مرمتي ڪم شروع ڪيو  ويو آهي جڏهن ته   علائقي ۾ بيٺل پاڻي نه  نڪري سگهيو  ، يادر رهي ته هر مهيني بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 2 ڀيرا  لائن ڦآٽڻ معمول بڻجي ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.