الڪاٽيل جا 3 انٽري ليول اسمارٽ فون متعارف

چين سان تعلق رکندڙ ڪمپني ٽي سي ايل جي ذيلي شاخ الڪاٽيل ورهين کان انٽري ليول اسمارٽ فونز گهٽ اگهن ۾ متعارف ڪرائي رهي آهي.

هن ڪمپني هاڻ لاس ويگاس ۾ سي اي ايس ٽيڪنالاجي نمائش دوران پنهنجا 3 نوان سستا اسمارٽ فونز پيش ڪيا آهن.

ڪمپني موجب الڪاٽيل 1 ايس، 1 ايل ۽ 3 ايل کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد گهٽ قيمت ۾ ماڻهن کي بيسڪ اينڊرائيڊ فون بهتر ڪيمرا سان گڏ فراهم ڪرڻ آهي.

ڪمپني طرفان انهن فونز جا سمورا فيچرز ته ناهن ٻڌايا ويا، پر 3 ايل ايس سيريز جو سڀ کان بهتر فون آهي، جنهن جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي.

1 ايل ۽ 1 ايس جي قيمت ته هڪ جهڙي آهي پر 1 ايس ۾ وڏي بيٽري ۽ وڌيڪ بهتر ڪيمرا موڊيول ڏنو ويو آهي.

1 ايل ۾ اينڊرائيڊ گو آپريٽنگ سسٽم موجود آهي جيڪو اهڙي فونز جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي جيڪي انٽري ليول هوندا آهن.

1 ايل ۾ 6.1 انچ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته 3000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي پر پراسيسر جي باري ۾ ناهي ٻڌايو ويو، بس ملٽي ڪور پراسيسر جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ آهي جنهن ۾ 13 ميگا پڪسل مين ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا شامل آهي.

الڪاٽيل 1 ايس ۾ 6.52 انچ ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته 4000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي.

ان جي پراسيسر جي باري ۾ ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو پر بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ 13 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو لينس شامل آهي.

جيستائين 3 ايل جي ڳالهه آهي ته ان ۾ 6.52 انچ ڊسپلي، اوڪٽا ڪور پراسيسر ( نالو ناهي ٻڌايو ويو) ۽ 4 جي بي ريم موجود آهي.

فون جي بيڪ تي 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 2 ميگا پڪسل ميڪرو لينس ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ لينس ڪيمرا موجود آهي.

الڪاٽيل 1 ايل جي قيمت 130 ڊالر ( 20 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي جيڪو فيبروري ۾ مختلف ملڪن ۾موجود هوندو.

1 ايس به 130 ڊالرن جو آهي جيڪو مارچ ۾ موجود هوندو جڏهن ته 3 ايل جي قيمت 180 ڊالر ( لڳ ڀڳ 29 هزار پاڪستاني رپيا) آهي ۽ اُهو به مارچ ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.