ڪراچي(ويب ڊيسڪ) واپاري هفتي جي ٽئين ڏينهن به ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي آهي.
سونارا ايسوسيئيشن موجب اڄ في تولو سون 100 رپيا واڌ سان 1 لک 13 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي.
ان کان سواءِ 10 گرام سون 86 رپيا واڌ سان 97 هزار 222 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ واپار جي پڄاڻي تي مثبت رجحان رهيو.
اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس 169 پوائنٽس جي واڌ سان 46 هزار 91 پوائنٽس تي بند ٿيو.