حيدرآباد: سنڌ سڀا پاران جبري گمشدگين خلاف ۽ اڳواڻي جي آزادي لاءِ بک هڙتال جاري

سنڌ سڀا پاران جبري گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي ۽ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڏهين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال جاري رهي، بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل نظيرکوکر، حسين ڏاهري، هاني بلوچ, عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو،سنڌو امان ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙو، شبيران آرائين ۽ ٻين چيو ته رات جي اونداهي ۾ سنڌ سڀا جي پر امن قافلي مٿان اوٻاوڙو پوليس تشدد ڪيو  ۽ انعام عباسي، سميت اڳواڻن کي گرفتار ڪري جڙتو مقابلي جا ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.