داد لغاري ۾ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري شاھ مردان شاھ جي نائين ورسي

داد لغاري ۾ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري شاھ مردان شاھ جي نائين ورسي ملھائي وئي،  ورسي تقريب ۾ شھرين  سياسي سماجي اڳواڻن ۽ فنڪشنل ليگ جي ورڪرز پاران پير پاڳاري کي ڀيٽا ڏني وئي ، ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته پير پاڳاري جو وڇوڙو پاڪستان جي سياست جي حوالي سان وڏو خال ھو جيڪو اڄ تائين ناھي ڀرجي سگھيو،  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پير پاڳارو ڪنگري ھائوس تي رھي ملڪي صورتحال ۽ مسئلن کي انتھائي باريڪ بيني سان حل ڪيو ،

ورسي تقريب ۾ اربيلو منگريو ، ڪمال فقير پنھيار، ميان خالد حسين ، عطا محمد مھر ، غفار نائچ،  درگاھي مھر ،شھري اتحاد داد لغاري جي سرپرست قاري بشير احمد لغاري ۽ٻين شرڪت ڪئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.