ميرپورماٿيلو : ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ ضلعي جي لنڪ روڊن جي تعمير بابت اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي سي ايس چائنا اسٽيٽ ڪمپني پاران سکر-ملتان موٽروي جي تعمير دوران تباه ٿيل لنڪ روڊن جي تعمير جو ڪم شروع  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي سي ايس چائنا اسٽيٽ ڪمپني پاران سکر-ملتان موٽروي جي تعمير دوران تباه ٿيل لنڪ روڊن جي تعمير جو ڪم شروع  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، پهرين مرحلي ۾ سرحد قومي شاهراه کان ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ تائين اڍائي ڪلو ميٽر روڊ تعمير ڪيو ويندو.  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ميرپورماٿيلو ۾ سکر-ملتان موٽروي جي تعمير دوران ضلعي گهوٽڪي جي تباه ٿيل لنڪ روڊن جي نئين سر تعمير جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سي ايس اسٽيٽ چائنا ڪمپني فتح پور ڪيمپ جي نمائندن زينگشن گائو ۽ ابوبڪر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته موٽروي جي تعمير دوران ضلعي گهوٽڪي جي تباه ٿيل روڊن سبب ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ان ڪري متاثر روڊن جي فوري طور تي تعمير ڪئي وڃي

ان موقعي تي سي  ايس اسٽيٽ چائنا ڪمپني جي نمائندي ابوبڪر پاران ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته ضلعي انتظاميه جي هدايتن مطابق متاثر ٿيل روڊن جي تعمير شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.