ٺٽو: ماتلي پوليس جي ڳوٺ تي چڙھائي ۽ 11 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

ٺٽي ڀرسان ٽنڊو غلام حيدر جي پوليس پاران ماتلي جي ڳوٺ محمد جمن بھراڻي تي چڙھائي ڪري 11 ڄڻن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ واري عمل خلاف ٺٽي جي بھراڻي برادري پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھ بند ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاھري ۾ شامل ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي ٽنڊي غلام حيدر پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محمد بخش بھراڻي، گل حسن بھراڻي، ماجد بھراڻي، الھبچايو بھراڻي، ماستر محمد رمضان بھراڻي ۽ ٻين چيو ته ٽنڊي غلام حيدر پوليس بناجواز ڳوٺ جمن بھراڻي تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري 11 ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي. ھنن چيو ته ھُو پرامن شھري آھن، ڪڏھن به ڪنھن سان ڪا ناانصافي نه ڪئي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گرفتار ڪيل ڳوٺاڻن کي آزاد ڪري ڳوٺ تي چڙھائي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.