اپوزيشن ڪڏهن عوام لاءِ رليف نه گهريو: شهزاد اڪبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته براڊ شيٽ سان ڪرپٽ اشرافيا ۽ ان جي مني لانڊرنگ بي نقاب ٿي، انهن پنهنجي بچاءَ لاءِ غلط بياني کان ڪم ورتو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته جڏهن به اين آر او يا ڊيل ٿي، پ پ ۽ ن ليگ کي فائدو پهتو، شريف خاندان پهرين ڊيل مشرف سان ڪئي ۽ ٻاهرين ملڪ هليا ويا.

هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڪو فرق ناهي، ٻنهي ملڪ کي لُٽيو، پ پ نظرياتي ناهي رهي، انهن جو نظريو رڳو ڦرلٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي اپوزيشن ڪڏهن عوام لاءِ رليف نه گهريو، ڳالهين جو حصو رهيو آهيان، اپوزيشن رڳو نيب قانون ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.

شهزاد اڪبر چيو ته اهي رڳو ذاتي تحفظ ٿا چاهين، اهو بحث الڳ آهي ته براڊ شيٽ نيب کي مدد ڪئي يا نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.