آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: خواجا آصف جي جسماني ريمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جي جسماني ريمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

خواجا آصف جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي لاهور جي احتساب عدالت ۾ ٿي.

نيب پراسيڪيوٽر عاصم ممتاز عدالت کي ٻڌايو ته جاچ دوران خواجا آصف کان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، خواجا آصف دبئي مان باقاعده پگهار وٺندو رهيو پر بينڪ اسٽيٽمنٽ نه ڏني.

عاصم ممتاز ٻڌايو ته خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته هو پگهار وٺندو رهيو پر ثبوت نه ڏئي سگهيو، خواجا آصف طارق مير نالي شخص سان گڏجي هڪ ڪمپني بڻائي جنهن جو ذريعو ناهي ٻڌايو ويو، طارق مير نالي شخص 51 ڪروڙ 17لک رپيا ڪمپني اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا، اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته اِهي پيسا ڪٿان آيا.

نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ ٻڌايو ته طارق مير ۽ ارشد جاويد خواجا آصف جا ويجها ماڻهو آهن، نيب کي جاچ جو دائرو وسيع ڪرڻو آهي ان ڪري هن جو جسماني ريمانڊ ورتو وڃي.

نيب پراسيڪيوٽر خواجا آصف جي 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪندي چيو ته خواجا آصف پنهنجي جنهن ملازم جي نالي تي ڪمپني ٺاهي رکي هئي ان جي اڪائونٽ ۾ پيسا ٽرانسفر ٿيا.

خواجا آصف جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته هي سڀ پيسا ڊڪليئرڊ آهن.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا مني لانڊرنگ به ٿي هئي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته پرڏيهي ڪمپني کان جيڪي 13 ڪروڙ موڪليا ويا انهن جي تفصيل نٿا ڏئي سگهون.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪمپني اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايل رقم ڪهڙي بينڪ مان ڪڍرائي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته بينڪ مان رقم طارق مير پاڻ ڪڍرائي آهي.

خواجا آصف جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مارچ 2019ع ۾ خواجا آصف جي خلاف انڪوائري جو آغاز ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.