سهيل انور سيال جو نيب چيئرمين کي چئلينج

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي الزام ثابت ڪرڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته مون کي ميڊيا ذريعي خبر آهي ته منهنجي خلاف نيب انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين کي چئلينج ٿو ڪيان ته الزام ثابت ڪري.

هن چيو مون تي الزام آهي ته مان گهر سرڪاري زمين تي ٺاهيو آهي، ان حوالي سان روينيو کاتي کي لکي ڇڏيو آهي ته منهنجو گهر سرڪاري زمين تي ناهي ٺهيل.

سندس موجب منهنجي پيءُ گهر ايف بي آر ۾ ظاهر ڪيو هو، نيب چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر پريس رليز ۾ ئي الزام ثابت ڪري ڏيکارين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.