ڪورونا وائرس سان سڀ کان وڌيڪ متاثر شهرن ۾ ڪراچي جو پهريون نمبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪراچي شهر ڪورونا وائرس سان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 5.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي سڀ کان وڌيڪ 14.56 سيڪڙو شرح ڪراچي ۾ رهي آهي.

ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسن جي شرح ۾ ٻئي نمبر تي پشاور شهر آهي، جتي هاڪاري ڪيسن جي شرح 9.92 سيڪڙو آهي.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح 8.47، بلوچستان ۾ 7.39، پنجاب ۾ 3.63، خيبر پختونخواهه ۾ 6.25، اسلام آباد ۾ 2.14 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.43 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.