حڪومت جو مدرسن جي ٻارن کي پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ شرڪت کان روڪڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت مدرسن جي ٻارن کي پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ شرڪت کان روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب حڪومت مدرسن جي ٻارن کي پي ڊي ايم احتجاج کان روڪڻ لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي. وزير اعظم عمران خان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.

گهرو زير شيخ رشيد سڀاڻي عالمن سان اهم ملاقات ڪندو ۽ انهن کي حڪومتي پاليسي تي اعتماد ۾ وٺندو. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مذهب جي آڙ ۾ سياست جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي حڪومت مخالف تحريڪ جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.