اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪي ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ گڏيل ڪاوشون ڪم آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان سندس ترڪ هم منصب ميولود چاوش اولو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي اعليٰ سطحي اسٽرٽيجڪ سهڪار ڪونسل جي اسلام آباد ۾ رٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ 71 نڪتن واري اسٽريٽيجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ تي جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
تعليمي شعبي ۾ ٻطرفي سهڪار جو معاهدو:
ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعليمي شعبي ۾ ٻطرفي سهڪار جي حوالي سان معاهدو طئي ٿيو.
ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت ۾ مفاهتي يادداشت تي صحيح جي تقريب ٿي جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به موجود هو جتي تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو مفاهمتي دستاويزن تي صحيح ڪئي.