ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سيءُ گهٽجي ويو آهي، اڄ شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 7.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ان کان اڳ موسميات کاتي چيو هو ته ڪراچي ۾ سائبيرين هوائن سبب ٿڌ جي شدت وڌيڪ محسوس ٿي رهي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ هو ته ٿڌ ۾ گهٽتائي ۽ گرمي پد ۾ واڌ 17 جنوري کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.