حڪومت کنڊ سستي ڪرائڻ ۾ ناڪام، درآمد ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه گهٽائڻ لاءِ کنڊ درآمد ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت کنڊ جي اگهه ۾ گهٽتائي لاءِ ان کي درآمد ڪرڻ جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ 6 لک ٽن درآمد ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ صوبن سان به مشاورت ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي درآمد ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ استحڪام لاءِ ڪئي ويندي، هلندڙ سال ڪمند جي پيداوار وڌيڪ آهي ۽ کنڊ جي پيداوار به گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي، شگر ملز مالڪ کنڊ جي پيداوار وڌيڪ ڪري چڪا آهن پر رليز گهٽ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن موجب شگر ملز مالڪ امڪاني طور منافعي لاءِ کنڊ جي رليز گهٽ ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.