آنر جو نئون ميجڪ پرو 2021 ليپ ٽاپ متعارف

آنر تازو ئي هواوي کان الڳ ٿي هڪ خودمختيار ڪمپني جي شڪل ۾ سامهون آئي ۽ هاڻ ان جي پهرين ڊيوائس متعارف ڪرائي وئي آهي.

هي اسمارٽ فو هڪ ليپ ٽاپ آهي جنهن کي آنر ميجڪ پرو 2021 جو نالو ڏنو ويو آهي.

لاس ويگاس ۾ سي اي ايس ٽيڪنالاجي نمائش دوران آنر جو هي ليپ ٽاپ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 جنريشن انٽيل ڪور آءِ 5 10210 يو پراسيسر ۽ انويڊيا (nvidia) جي فورس ايم ايڪس 350 جي پي يو ڏنو ويو آهي.

ان کان اڳ آنر جي پراڻي ميجڪ ليپ ٽاپ ۾ اي ايم ڊي رائزين 5 4600 ايڇ پراسيسر ڏنو ويو هو.

ان ليپ ٽاپ ۾ 16.1 ڊپلي فل ايڇ ڊي پلس سپورٽ سان ڏنو ويو آهي جڏهن ته 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج موجود آهي.

ويڊيو ڪالنگ لاءِ پوپ اپ ويب ڪيم ڊيوائس جو حصو آهي.

جيستائين پورٽس جي ڳالهه آهي ته ان ليپ ٽاپ ۾ 3 يو ايس بي اي پورٽس، هڪ يو ايس بي سي پورٽ ۽ هڪ ايڇ ڊي ايم آءِ ڪنڪشن پورٽ موجود آهي جڏهن ته 3.5 ايم ايم هيڊ فون جيڪ به ڊيوائس جو حصو آهي.

ليپ ٽاپ ۾ هڪ فنگرپرنٽ سنسر به موجود آهي جيڪو پاور بٽن ۾ لڪيل آهي.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته سنگل چارج تي ان جي 56 واٽ آر بيٽري ساڍا 11 ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿي.

 بيٽري کي چارج ڪرڻ جي لاءِ ليپ ٽاپ سان گڏ 65 واٽ اڊاپٽر  ڏنو ويندو جيڪو 30 منٽن ۾ 50 سيڪڙو بيٽري چارج ڪري سگهي ٿو.

ڪمپني طرفان موجودگي جي تاريخ ته ناهي ٻڌائي وئي پر ان جي قيمت هڪ هزار ڊالرز (1 لک 60 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.