پاڪستان انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي: محمود خان اچڪزئي

لورالائي(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي اڳواڻ ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ انتهائي نازڪ دور مان پيو گذري.

بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته پاڪستان انتهائي خطرناڪ دور مان گذري رهيو آهي، دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ۽ ويجهي دوست پري ٿيندا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته مون کي هڪ کان وڌيڪ ذميوار پاڪستانين چيو ته اسان چين ويا هئاسين ۽ هنن چيو ته خدا کي مڃو اسان کي بخشيو، پر اسان جي تاتارين کي به وزيرستان ۾ جاءِ ڏني آهي.

هن چيو ته اچو اسان پنهنجي فوج سان ڳالهيون ڪيون ۽ فوج کي چئون ته سڌي سادي ڳالهه آهي ته ڇا هي ملڪ فوج لاءِ آهي يا هي فوج ملڪ لاءِ آهي.

محمود خان چيو ته اسان سول ۽ فوجي ايجنسين آءِ ايس آءِ، ايم آءِ کي به بهتر ايجنسيون بڻائينداسين پر سياست ۾ هن جي مداخلت نه ٿيندي جيڪو آئين چوي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن جي ثقافت ۽ زبانن جو احترام ٿيندو، مرضي سان ملڪ هلائينداسين، اسان اِها ڳالهه گپ شپ طور نه پيا ڪيون پر مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جتي حلف وٺڻ چاهي حلف ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.