ھڪ سال گذرڻ بعد به باھ ڏئي ساڙيل معصوم ڀاء ڀيڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ انصاف نه ملڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ھڪ سال اڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ ذاتي دشمني ۾ گھرن کي باھ ڏئي ساڙڻ واري واقعي ۾ سڙي فوت ٿيل ٻن معصوم ڀاء ڀيڻ عجيب ء ضميران جتوئي جي امڙ ء وارثن سان انصاف ٿي نه سگهيو ظلم جي ستايل مسڪين ماڻھن مسمات وزيران جتوئي، مسمات گڏي، لکمير، گلشير، عرس جتوئي ء ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ظلم به انهن سان ٿيو آهي ۽ پوليس به ا نهن جي ماڻھن کي ٻڌي تنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته جوابدار غلام حيدر جتوئي، لياقت جتوئي، حسين جتوئي، علي گوهر جتوئي، علي گل جتوئي ء الھ بخش جتوئي کلي عام گھمي رهيا آهن، جيڪي انهن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
ان موقعي تي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ھاء ڪورٽ ، وزيراعليٰ سنڌ، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن جي معصوم ٻارن سان انصاف ڪري انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.