ڏهرڪي ڀرسان رٽائر پروفيسر پاران جوڙيل لائيبريري وسيلا نه هجڻ ڪري تباهه ٿيڻ لڳي

ڏهرڪي کان ٿوري مفاصلي تي ڳوٺ غلام علي ڏهر ۾ رٽائرڊ پروفيسر محمد پنهل ڏهر جي جوڙيل لائبرري وسيلا نه هجڻ  ڪري تباهه ٿيڻ لڳي ، لائيبريري ۾ موجود هزارين قيمتي  ڪتاب خراب ٿيڻ لڳا،  لائبرري ۾ لڳ ڀڳ  12000 ناياب ڪتاب موجود آهن جن ۾ سنڌي هندي، اردو ،  سنسڪرت سرائڪي عربي فارسي پشتو ، بلوچي ۽ انگريزي  جا ڪتاب شامل  آهن  لائبرري جي باري ۾ محمد پنهل ڏهر عوامي آواز کي ٻڌايو ته هن کي ننڍي هوندي کان ئي ڪتاب پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق هو 1982 کان هن ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ،  هن  مختلف اسلامي ملڪن سميت مغربي ملڪن مان به ڪتاب گهرائي پنهنجي لائبرري ۾ محفوظ ڪيا آهن

هن انتظاميا کي اپيل ڪئي ته قيمتي ڪتابن کي نوجوان نسل تائين پهچائڻ ان جي مدد ڪئي وڃي ۽ هن کي ڳوٺ ۾ لائيبريري جوڙائي ڏني وڃي جنهن  لاءِ هو پنهنجو پلاٽ به ڏيڻ لاءِ تيار آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.