سوئي گيس ڀرسان مهراڻ ھاءِ وي تي مختلف گاڏيون حادثي جو شڪار، 10 ڄڻا زخمي

سوئي گيس ڀرسان مهراڻ ھاء وي تي سرن جي بٺي وٽ دونهين ۽ ڪوهيڙي سبب نوابشاھ کان ڪنب ويندڙ مختلف گاڏيون حادثن جو شڪار ٿيڻ  سبب 10 ماڻھو زخمي ٿي پيا جن ۾ موٽر سائيڪل سوار نادر ملڪ , محمد عظيم ڦل , گل حسن مري , شريف مري , اقره بيبي سميت ٻيا شامل آهن ، زخمين کي نوابشاھ ، ٺري ميرواھ ۽ گمبٽ اسپتال ڏانهن نيو ويو،  ٻئي طرف ايس ايڇ او ٺري ميرواھ حادثي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين کي روڊ کان پاسي ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو ۽ پوليس سڀني گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.