کوسڪي: رورل هيلٿ سينٽر ۾ دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي رويي خلاف بک هڙتال

کوسڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي  پاران رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ھٿراڌو دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي ا ڍنگي رويي خلاف ميان خان کوسو, عبدالستار ٻرڙو, ايوب ڀٽي, حاجي ملاح, جي اڳواڻي ۾ شھر جي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي  بک ھڙتال ڪئي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته رورل ھيلٿ سينٽر  جڏنھن  کان آئي ايڇ ايس جي حوالي ٿيو آهي تڏنھن  کان دوائن جي ھٿراڌو کوٽ ۽  ڊاڪٽر ۽ عملي جي لاپرواھي جا واقعا سامهون آيا آهن ،هنن چيو ته اسپتال ۾  ليڊي ڊاڪٽر،  الٽرا سائونڊ،  ايڪسري مشين جي کوٽ سان گڏ ايمبولينس به ناهي

هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين  دوائن جي کوٽ ۽ لاپرواھي  ڪندڙ عملي کي نه ھٽايو ويندو تيستائين روز جي بنياد تي بک ھڙتال  جاري رھندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.