اسامه قتل ڪيس: جوابدارن نوجوان کي بي ڏوهه مارڻ جو اعتراف ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسامه ستي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر چيو آهي ته جوابدارن نوجوان کي ڏوهه مارڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي روڪ عدالت ۾ اسامه ستي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پوليس جوابدارن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي کين عدالت جي روبرو پيش ڪيو.

ٻڌڻي جي شروعات ۾ عدالت جي جج راجا جواد عباس جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي؟ جنهن تي جاچ آفيسر وراڻيو ته جوابدار اعتراف ڪري رهيا آهن ته انهن جي هٿان بي ڏوهه شهري جو موت ٿيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جوابدارن جو بيان قلمبند ڪيو آهي، جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته اڃا تائين جوابدارن جو مئجسٽريٽ سامهون بيان قلمبند ناهي ٿي سگهيو، جي آءِ ٽي جي پڇا ڳاڇا مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ گهرجي، تنهن ڪري جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي، جوابدارن جو 364 جو اعترافي بيان به ورتو ويندو.

جاچ آفيسر جي اپيل تي عدالت پنجن ئي جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي ۽ جوابدارن کي ٻيهر 18 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.