ڄام خان شوري، سليم مانڊوي والا ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنس جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ سنڌ جي مڪاني ادارن واري اڳوڻي وزير ڄام خان شورو ۽ سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيب جي جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نيب جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

بعد ۾ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 2 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ تفصي سان لاڳاپيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي قاسم آباد حيدرآباد ماسٽر خان شورو، ڪاشف شورو، ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو سجاد حيدر شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد شاهه نواز سومرو، مختيارڪار قاسم آباد اختر علي شيخ، علي ذوالفقار ميمڻ، سپروائزنگ تپيدار امتياز سولنگي ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته انهن جوابدارن تي غير قانوني طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ڄام شورو قاسم آباد سنڌ ۾ سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪري ذاتي استعمال ۾ آڻڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي لڳ ڀڳ 5 ارب رپين جو نقصان رسيو.

اداري وڌيڪ ٻڌايو ته ايگزيڪٽو اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمنٽ اسلام آباد عادل ڪريم، ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمنٽ اسلام آباد محمد ايوب، اڳوڻي ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمنٽ محمد مسلم ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

انهن جوابدارن تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي لڳ ڀڳ 41 ڪروڙ 74 لک 9 هزار رپين جو نقصان رسائڻ جو الزام آهي.

نيب اجلاس ۾ 7 انڪوائريز جي منظوري به ڏني وئي، جنهن ۾ فدا خان، آفتاب (فرنٽ مين)، اويس مظفر ٽپي ۽ ٻين، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آفيسرن/اهلڪارن ۽ ٻين، قادر بخش ۽ ٻين، اڳوڻي رجسٽرار پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل ڊاڪٽر محمد ناديم اڪبر ۽ ٻين، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سولر سسٽم فار واٽر سپلاءِ اينڊ ڊرينيج اسڪيمز، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمنٽ سنڌ حڪومت محمد اڪبر بلوچ ۽ ٻين، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ڪوئيٽا شعيب احمد گولا، محمد رفيق ٻانڀڻ ۽ ٻين جي خلاف انڪوائريز جي منظوري شامل آهي.

ان کان سواءِ ڄاڻايل اجلاس ۾ 5 انويسٽي گيشنز جي منظوري به ڏني وئي.

ان جي تفصيل بابت پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته اسپيشل انيشي ايٽو ڊپارٽمنٽ سنڌ حڪومت جي آفيسرن/اهلڪارن، ميسرز پاڪ اوي سز انڊسٽريز پرائيويٽ لميٽڊ ۽ ٻين، چيئرمين پي ايم ايس جي آءِ ڊي اي اسلم شاهه، اڳوڻي مينجنگ ڊائريڪٽر جي آءِ ڊي اي فريد احمد، الاٽمنٽ ڪميٽي جي ميمبرن، اڳوڻي پي ڊيز اينڊ ايم ڊيز جي آءِ/جي آءِ اي ڊي اي ۽ ٻين، فشريز ڊپارٽمنٽ جي انتظاميا ۽ ٻين، سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال، علي انور ۽ ٻين سميت بلوچستان ڊيولپمنٽ اٿارٽي جا انتظاميا ۽ ٻين جي خلاف منظوري شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.