اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي لنڊن کان واپس ڏيهه پهچي ويو.
ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي پرڏيهي اڏام ذريعي لنڊن کان دبئي رستي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو.
هو 5 ڏينهن لنڊن ۾ رهيو ۽ اتي پارٽي قائد نواز شريف سان ملاقات به ڪيائين.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان عباسي ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز لاءِ نواز شريف جو اهم پيغام آندو آهي، هو هلندڙ هفتي ٻنهي اڳواڻن کي پيغام پهچائيندو.