وزير اعظم عمران خان سان اسامه ستي جي پيءُ جي ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان مقتول اسامه ستي جي پيءُ نديم يونس ستي ملاقات ڪئي.

وزير اعظم اسامه ستي جي روح جي ايصال ثواب ۽ پونيئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. عمران خان افسوس جوڳي واقعي تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي پيءُ کي مڪمل انصاف جي فراهم  جي خاطري ڪرائي.

ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسامه ستي جي پيءُ کي فون ڪري واقعي جي انڪوائري رپورٽ تي ڳالهيون ڪيون. شيخ رشيد احمد چيو ته گهرو وزارت طرفان انڪوائري ڪميٽ  جي جاچ رپورٽ کي ڏسي وٺو، رپورٽ مان مطمئن ٿيندا ته ان کي اڳتي موڪليو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.