چيني ڪمپني جي سائنوفام ويڪسين کي فائنل ڪيو ويو آهي: نوشين حامد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين لاءِ 3 لک کان وڌيڪ هيلٿ ورڪر رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته چيني ڪمپني جي سائنوفام ويڪسين کي فائنل ڪيو ويو آهي، اميد ته وچ فيبروري يا مارچ جي مُنڍ ۾ ويڪسين اچي ويندي.

هن چيو ته ويڪسين جي ايڊوانس بڪنگ ڏانهن وڃي رهيا آهيون، اڳ ۾ هيلٿ ورڪرز کي ويڪسين لڳائي ويندي، 3 لک کان وڌيڪ هيلٿ ورڪر ويڪسين لاءِ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، اين سي او سي هيلٿ ورڪرز جي رجسٽريشن لاءِ ويب سائيٽ ٺاهي آهي.

سندس چوڻ هو ته برطانيا مان ايندڙن لاءِ فلائٽ کان اڳ ۽ پوءِ ڪورونا ٽيسٽ لازمي آهي، سپر ڪووڊ ۾ جيڪي ماڻهو برطانيا کان آيا هئا، انهن کي ٽريس ڪري قرنطينه ڪيو ويو، برطانيا مان ايندڙن کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون، انهن جي سختي سان اسڪروٽني ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.