پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سمورين يونيورسٽين ۾ نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن جي لاءِ پينشن جي سهولت کي ختم ڪيو ويو آهي.
صوبي جون يونيورسٽيون سخت مالي بحران جي وڪڙ ۾ آهن جنهن جي ڪري بچت لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن.
خيبرپختونخواهه جي هائر ايجوڪيشن کاتي صوبي جي سمورين يونيورسٽين ۾ مالي خساري کان بچڻ جي لاءِ نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن جي پينشن جي سهولت ختم ڪري ڇڏي.
خيبرپختونخواهه جي هائير ايجوڪيشن جي پڌرائي موجب صوبي ۾ يونيورسٽين جي نگراني هيٺ اسڪولن جي فيسن تي به نظرثاني ڪري فيس وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽين جي ملازمن جي ميڊيڪل ۽ هائوس الائونس کي تبديل ڪري صوبائي حڪومت جي اسڪيل جي برابر آندو وڃي جڏهن ته مرمت، سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن جي لاءِ ڪيمپس جي اندر رهندڙ ملازمن کان پيسا ورتا وڃن جيئن يونيورسٽي تي گهٽ کان گهٽ بار پوي.