ڪورونا سبب وڌيڪ 55 ڄڻا فوت، 33 هزار کان وڌيڪ فعال ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن اندر 55 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار کان وڌي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 450 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ-19 ٽيسٽن جو انگ 72 لک 20 هزار 760 ٿي ويو آهي.

ڪورونا جي مريضن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 123 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا  جي تصديقي مريضن جو انگ 5 لک 80 هزار 824 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 28 هزار 949، پنجاب ۾ 1 لک 46 هزار 525، خيبرپختونخواهه ۾ 62 هزار 810، اسلام آباد ۾ 39 هزار 462، بلوچستان ۾ 18 هزار 467، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 521 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ:

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 33 هزار 102 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 55 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هاڻ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو انگ گڏيل طور 10 هزار 772 ٿي ويو آهي.

صحتياب مريضن جو انگ:

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 973 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 64 هزار 950 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.