مصباح جي نوڪري تيل، وقار جي ڪرسي لوڏن ۾!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ نئون هيڊ ڪوچ اينڊي فلاور پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن کانپوءِ ٽيم جوائن ڪندو.

واضح رهي ته ڪرڪيٽ ڪميٽي ڪرڪيٽ بورڊ کي سفارش ڪئي آهي ته موجوده ڪوچنگ اسٽاف کي برقرار رکيو وڃي پر شعيب اختر جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ڪميٽي جا لفظ ڪي اهميت نٿا رکن، مصباح الحق کي هٽائڻ ۽ اينڊي فلاور کي ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو آهي.

پنهنجي يوٽيوب چئنل تي خيالن جو اظهار ڪندي شعيب اختر چيو ته ڪميٽي رڳو پي سي بي جي پاليسي کي اڳتي وڌائيندي آهي ۽ پي سي بي تنقيد کان بچڻ لاءِ پنهنجي مٿان لڳل الزام ڪميٽي تي وجهي ڇڏيندو آهي ته ڪميٽي جي چوڻ تي اسان فيصلو ڪيو.

هن چيو ته مصباح الحق کي هٽائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ انهن اينڊي فلاور کي آندو آهي پر اينڊي فلاور ان ڪري قبول نه پيو ڪري، ڇو ته هو ملتان سلطانز جو ڪوچ آهي، چاهي ٿو پي ايس ايل مان پئسا ملي وڃن ته پوءِ ذميواريون سنڀاليان.

سندس موجب وقار يونس هن وقت پنهنجي ملازمت بچائڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيو آهي، ڪرڪيٽ جي تاريخ جو عظيم ترين بالر مصباح جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي، يار ڪجهه ته خوف ڪيو وڪي ڀاءَ، توهان چئو ٿا ته مصباح ڳالهه نٿو ٻڌي، اهو ڪيئن ٻڌندو، توهان جو هيڊ ڪوچ آهي ۽ توهان ان جي ماتحت ڪم پيا ڪيو.

شعيب اختر، وقار يونس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجي ملازمت بچائڻ ۾ لڳي ويا آهن، هاڻ ٿيڻو اهو ئي آهي، ڇو ته اينڊي فلاور پنهنجي ٽيم آڻي رهيو آهي، اينڊي فلاور انهن ڇوڪرن کي نه بخشيندو، جيڪي ڪوچ جا گهڻ گُهرا هئا.

هن چيو ته پي سي بي جو ميڊيڪل پئنل دنيا جو خراب ترين ميڊيڪل پئنل آهي، اينڊي فلاور پنهنجو ميڊيڪل پئنل آڻيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.