ڪراچي ۾ گيس جي کوٽ تي ڊائريڪٽر سوئي سدرن گيس ڪمپني عدالت طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گيس جي کوٽ تي ڊائريڪٽر سوئي سدرن گيس ڪمپني کي طلب ڪندي وضاحت گهري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ گيس جي کوٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار محمود اختر نقوي جو موقف هو ته گيس جي لوڊشيڊنگ سان ماڻهن سان جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، گهرن ۾ گيس ناهي جنهن جي ڪري ماني به تندور تان گهرائي رهيا آهيون، 9 ڊسمبر 2020ع تي عدالت جواب طلب ڪيو پر جواب به نه پيو ڏنو وڃي، ايم ڊي سوئي سدرن گيس کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو وڃي. جنهن تي فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته ڊائريڪٽر ايس ايس جي سي کي گهرائي رهيا آهيون ۽ پڇاڻو ڪيون ٿا ته کوٽ ڇو ٿي.

عدالت حڪم ڏنو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ۾ گيس جي گهٽتائي ڇو آهي ۽ گيس جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا بندوبست ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.