”پاناما کان پوءِ براڊ شيٽ اشرافيه جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ کي وائکو ڪيو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاناما پيپرز کان پوءِ براڊ شيٽ به اسان جي امير حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ کي بي نقاب ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پهرين پاناما پيپرز جي ذريعي اسان جي امير حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ سامهون آئي ۽ هاڻ براڊ شيٽ به اشرافيه جي وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ کي بي نقاب ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته عالمي انڪشافن کان پوءِ هي اشرافيه انتقامي ڪارڊ جي پٺيان نٿي لڪي سگهي.

هن چيو ته هر هر اشرافيه جو بي نقاب ٿيڻ ڪرپشن جي خلاف منهنجي 24 سالن جي جدوجهد کي بيان ڪري رهيو آهي، هن اشرافيه حڪومت ۾ آئي ۽ ملڪ کي تباهه ڪيو.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اشرافيه پرڏيهه غير قانوني اثاثا ٺاهڻ لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي، پاڻ کي مقامي قانون کان مٿانهيون ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري اين آر او جو سهارو ورتو، اهڙي ريت هنن ماڻهن کان ڦريل ملڪي دولت کي محفوظ بڻايو ۽ پاڪستاني عوام کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو.

عمران خان جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن رڳو عوام جي دولت کي ئي ناهي لٽيو پر ٽيڪس ڏيندڙن جي پيسي کي اين آر او جي ذريعي ضايع ڪيو ويو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اِهي انڪشاف شروعاتي آهن، اسان براڊ سيٽ کان اشرافيه جي مني لانڊربگ جي مڪمل ۽ اشفاف جاچ چاهيون ٿا ۽ اِهو به چاهيون ٿا ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي هنن کي جاچ کان روڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.