”براڊ شيٽ پرويز مشرف جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي فرم براڊ شيٽ نيازي نيب ڳٺ جوڙ ۽ پرويز مشرف جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.

مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سليڪٽڊ وزير اعظم بيان جي ذريعي سياسي مخالفن کي واسطا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته اچو گڏجي براڊ شيٽ تي ڳالهايون ٿا.

سندس چوڻ هو ته عمران ائين نٿو ڪري سگهي هڪ آمر جي ملڪ خلاف  سازش کي پنهنجي اين آر او لاءِ استعمال ڪري، براڊ شيٽ هڪ آمر هڪ سليڪٽڊ جي خلاف چارج شيٽ ڏني آهي، پرويز مشرف 600 ڪروڙ رپيا هڪ خانگي ڪمپني کي ڏنا، مشرف 600 ڪروڙ پنهنجي کيسي مان نه ڏنا، آمر عوام جي پيسي کي جمهوريت جي خلاف استعمال ڪيو.

هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي اسٽوري آهي، نيب جي دستاويزن ۾ هو ته اربين کربين رپين جي ريڪوري ٿي، پرويز مشرف 25 ملين ڊالر نه ملا ڇو ته ريڪوري نه ٿي هئي، ڪوڙ ڳالهايو ويو هو، پرويز مشرف، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ براڊ شيٽ کي پيسا نه ڏنا  ڇو ته هي ڪوڙ هو.

مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي براڊ شيٽ سان ڳالهيون ڪيون، نيب ۽ براڊ شيٽ جي وچ ۾ ڪو به سرڪاري معاهدو ناهي.

هن سوال ڪيو ته جيڪا ريڪوري ٿي جنهن جي براڊ شيٽ دعويٰ ڪئي اُها سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرائي وئي؟ اُها ريڪوري نيب نيازي ڳٺ جوڙ ۾ پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته براڊ شيٽ چيو شريف فيملي سان رابطو ناهي ڪيو، نيب ۽ براڊ شيٽ جو ڪو معاهدو ناهي ته شريف فيملي ڇو رابطو ڪندي، پهرين مشرف نقصان رسايو، هاڻ عمران خان 450 ڪروڙ رپيا ڏنا.

مريم اورنگزيب چيو ته براڊ شيٽ هڪ آمر ۽ توهان (عمران خان) جي خلاف چارج شيٽ ڏني آهي، آمراڻي نظام ذريعي چونڊيل وزير اعظمن خلاف سازشون ٿينديون رهيون، هڪ آمر 600 ڪروڙ رپيا 6 مهينا اڳ رجسٽرڊ ٿيندڙ ڪمپني کي ڏنا، چونڊيل وزير اعظم جي خلاف ڪيس ٺاهڻ لاءِ 600 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان صاحب توهان کي صبح جو اُٿي سوال نه ڪرڻ گهرجن پر سوال توهان کان ٿيڻ گهرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.