عوام چوي پيو ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو جيئن ماني ته ملي: مولانا فضل الرحمان

لورالائي(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻ اسان هن ملڪ ۾ ادارن جي بالادستي کي قبول نه ڪنداسين ۽ هتي عوام جي بالادستي هوندي.

لورالائي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڌانڌلي جي حڪومت کي رد ڪيون ٿا، اسان جي جنگ پارليامينٽ جي خودمختاري ۽ قانون جي عملداري لاءِ ۽ پاڪستان ۾ جمهوري هوائن جي بحالي لاءِ آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي آهن، قوم هڪ پليٽ فارم تي آهي.

فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ياد رکو عمران خان کي ته وڃڻو ئي وڃڻو آ، هي ڪوڙي حڪومت، ڪوڙو وزير اعظم آهي ان کي هن وٽ ته عقل ئي ناهي، هن جو ڪو نظريو ناهي، ڪڏهن چوي ٿو ته مديني جي رياست هئڻ گهرجي، ڪڏهن چوي ٿو ته چيني نظام هئڻ گهرجي، ته وري ڪڏهن چوي ٿو ته هتي ايراني نظام جي ضرورت آهي، وري ڪڏهن چوي ٿو ته آمريڪي نظام هئڻ گهرجي.

فضل الرحمان چيو ته اڄ اسان آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان کي پاڪستان کي آمريڪي ڪالوني بڻجڻ ناهي ڏيڻو، ملڪ ۾ جمهوري هوا ناهي ۽ اسان آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، پاڪستان جو مالڪ عوام آهي يا ڪجهه طاقتور ادارا آهن، هاڻ اسان هن ملڪ ۾ ادارن جي بالادستي کي قبول نه ڪنداسين، هتي هاڻ عوام جي بالادستي هوندي.

جي يو آءِ ف جي سربراهه جو چوڻ هو ته ماڻهو حڪومت مان بيزار ٿي چڪا آهن، هي ٻين تي الزام ٿا هڻن ته هي چور آهن ۽ هو چور آهن، اڄ اهڙي حڪومت آئي آهي جو ماڻهو چون پيا ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو، جيئن ماني ته ملي،  ملڪ جي معيشت ٻڏي رهي آهي، حڪومت ملڪي معيشت جو ڪٻاڙو ڪري ڇڏيو، غريب بازار ۾ کاڌي پيتي جون شيون خريدڻ جي لائق ناهن رهيون، هنن جي خريداري جي قوت جواب ڏئي چڪي، مائرون بازارن ۾ پنهنجا ٻچا پيون کپائن، والدين ٻارن کي ڍنڍن ۾ پيا اڇلائن ڇو ته هنن وٽ کين پالڻ جا پيسا ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.