بٺوري ۾ پلاٽن تي قبضي خلاف آپريشن جو فيصلو

ميرپور بٺورو (ت ر) مختيارڪار ميرپور بٺورو پاران سرڪاري پلاٽن تي قبضن خلاف وڏي پئماني تي آپريشن جو فيصلو، قبضا ختم ڪرائي پراڻي بس ٽرمينل ۽ مسافر خاني جي بحالي لاءِ ڊي سي سجاول کي خط لکي ڇڏيو، وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ رينجرز توڙي ڳري مشينري جي گهر ڪئي ويئي، ڪجهه ڏينهن اڳ قبضن خلاف آپريشن کي به سياسي دٻاءُ سبب روڪيو ويو هو، انهي سلسلي ۾ مختيار ڪار ميرپور بٺورو هڪ ليٽر SC 19 /2021 تحت ڊي سي سجاول کي آگاه ڪيو آهي ته ميرپور بٺورو ۾ مختلف گاڏين پاران مين روڊ تي هٿرادو اسٽاپ قائم ڪرڻ سبب بس، وين ۽ رڪشا مين روڊ تي بيهڻ معمول بڻجي ويو آهي جنهن سبب روڊ تي هر وقت ٽريفڪ جام جو مسئلو رهي ٿو، ٽريفڪ جام سبب عام شهري، مريض توڙي مسافرن کي سخت پريشاني ٿئي ٿي، جڏهن ته ميرپور بٺورو جي سرڪاري بس ٽرمينل جي هڪ ايڪڙ کان وڌيڪ پلاٽ ۽ مسافر خاني تي مختلف ماڻهن پاران قبضا ڪري انهي تي دڪان ۽ هوٽل تعمير ڪيا ويا آهن جنهن کي خالي ڪرائي پراڻو بس ٽرمينل بحال ڪرائڻ جي ضرورت آهي . مختيارڪار ڄاڻايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قبضن خلاف آپريشن جي نتيجي ۾ ڪجهه پلاٽن تان قبضو خالي ڪرايو ويو آهي ليڪن وڏي پئماني تي حد دخلين جي خلاف آپريشن لاءِ ڳري مشينري سميت وڏي پئماني تي پوليس ۽ رينجرز جي نفري پڻ گهربل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.