نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻي جو عورتن سميت گهر ڊاهڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه  (ڊ ر) نوابشاه جي علائقي پاڪ سٽي ڪالوني جي رھواسي پيرسن ذوالفقار علي جوکيو پنھنجي ڌي ثمينه  ۽ ننھن زينب سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آھي ته ڪجهه ڏينهن عدالت جي حڪم تي ڍورو نارو جي ڪناري سان سرڪاري پلاٽن تي قبضا ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ايريگيشن وارن منھنجو گھر ڊاھي پٽ ڪيو ھو جڏھن ته ان وقت جوابدار عطاءُ الله جٽ پوليس جي مدد سان منھنجي گھر جو سامان لوھه، در دريون، سرون ۽ ڪاٺ جا دروازا کڻي ويو آھي، جيڪو اسان غريبن سان ظلم آھي جڏھن ته ھن وقت اسان جا ٻچا سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، ھن چيو ته اسان بي سيڪشن پوليس وٽ شڪايت کڻي وياسين ليڪن پوليس اسان جي ھڪ به نه ٻڌي، ھن چيو ته اسان عدالت جي حڪم تي پنھنجا گھر خالي ڪيا ليڪن اسان کي پنھنجو سامان واپس وٺرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.