لاڙڪاڻي ۾تعليم کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن آل سنڌ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سڏ تي ٽائيم اسڪيل، پروموشن، يونيفارم بجيٽ، بند پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ايسوسيئيشن جي مرڪزي نائب صدر سعدالله جتوئي، ضلعي صدر ماجد علي چانڊيو، تعلقي صدر بخت علي ڪنگو ۽ ٻين چيو ته سمورن کاتن جي ننڍن ملازمن کي مرحليوار ٽائيم اسڪيل مليو آهي پر تعليم کاتي ضلعي لاڙڪاڻي جي 2200 کان وڌيڪ ننڍن ملازم جنهن ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين جا نائب قاصد، چوڪيدار، ڊرائيور، مالهي، سينيٽري ورڪر ۽ اٽينڊنٽ شامل آهن انهن کي 10 سالن کان وٺي ٽائيم اسڪيل ڪونه مليو آهي ۽ نه ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پيو وڃي گڏوگڏ ملازمن جا پروموشن نه ڪري هر سال يونيفارم جي بجيٽ هڙپ ڪئي پئي وڃي.  هنن چيو بائيو ميٽرڪ جي آڙ ۾ اٽڪل 30 کان 40 ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن جن ملازمن جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر ۽ تعلقي آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ درخواستون ڏئي مسئلن جي حل جي گذارش ڪئي پر هنن جي ڪنن تي جونءِ به ٿي چري. اسين چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪريون ته تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، پروموشن يونيفارم بجيٽ ڏئي جلد کان جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪري جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.