مخدوم رفيق الزمان جي ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات

مٽياري (ڊ ر) اڳوڻو گهرو وزير ۽ ايم پي اي مٽياري ڊاڪتر مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ضلع ڪاؤنسل مٽياري چيئرمين مخدوم فخرزمان وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه سان اهم ملاقات ڪئي.  ان موقعي تي مختلف سياسي امورن خاص ڪري ضلع مٽياري حوالي سان ڳالهايو اتي مٽياري ضلع سميت پارٽي معامن تي پڻ ڳالهايو ٻئي پاسي ترقياتي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مرادعلي شاھ مخدوم فخرزمان جي ضلع چيئرمين هجڻ دوران بنيادي سطح تي ڪيل جاکوڙ جي پڻ تعريف ڪئي.

حيدرآباد ۾ رٽائر ملازم جو گهر مان بيدخلي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جي رٽائرڊ ملازم چوڪيدار غلام مصطفيٰ ابڙو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سرڪاري گهر مان بي دخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته 25 فيبروري 2020 تي ھن  ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جي چوڪيداري واري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي آهي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پاران کيس ايل پي آر سميت ڪميوٽيشن جي رقم نه ملي آهي.هن چيو ته هو هڪ ننڍو ۽ غريب ملازم آهي، زندگي جو وڏو حصو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نوڪري ڪندي گذريو آهي، جڏهن ته هاڻ به گهر خريد ڪرڻ توڙي ڪرائي تي وٺڻ جي مالي حيثيت نه ٿو رکي. هن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته کيس سرڪاري گهر مان بي گهر نه ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.