شيخ ڀرڪئي ۾ سينئر صحافي لاڏاڻو ڪري ويو

شيخ ڀرڪيو(ن ع آ)شيخ ڀرڪيو جو سينيئر صحافي دماغي رڳ ٽٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.مهراڻ ٽي وي تي ڪافي  سال ڪم ڪندڙ ڪريم بخش شيخ کي ڪجه ڏينهن اڳ دماغ جي رڳ شديد متاثر ٿيڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو هو.جنهن جو گذريل رات ساه جي تند ٽٽڻ ڪري روح پرواز ٿي ويو. ڪريم بخش شيخ پريس ڪلب شيخ ڀرڪيو جو آفيس سيڪريٽري پڻ رهيو.صحافي ڪريم بخش شيخ جي جنازي نماز درگاه شيخ ڀرڪيو آچاري جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي,سندس جنازي نماز ۾ شيخ ڀرڪيو جي صحافين , سياسي سماجي ,قومپرست اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.سندس جست خاڪ کي شيخ ڀرڪيو آچاري جي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

ٿرڙي محبت ۾ مرحوم صحافي ڊاڪٽر عبدالغفار منگي جي ورسي

ٿرڙي محبت ( ن ع آ ) ٿرڙي محبت جي سينئرصحافي ۽ پريس ڪلب ٿرڙي محبت جي اڳوڻي سرپرست اعليٰ مرحوم صحافي ڊاڪٽرعبدالغفار منگي جي  ورسي تقريب،  صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ‘ صحافين قبرستان تي گل نڇاور‘ مرحوم صحافي جي خدمتن کي ساراهيو ويو ‘ ايثال ثواب لاءِ سندن جي آرام گاهه تي قُل پڙهي دعائون گهري وئي، جڏهن ته ٿرڙي محبت ‘راڌڻ ‘نئون ڳوٺ‘ جي صحافين وڏي انگ ۾ ۽ وفد جي صورت ۾ مرحوم جي آرام گاهه تي پهچي گُلن نڇاور ڪري مرحوم سينئر صحافي جي ڪيل خدمت کي ياد ڪندي ڀيٽا ۽ خراج تحسين پيش ڪيو ويو  .

ٽنڊي محمد خان ۾ جاتي واسين جو حملي آورن خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ سجاول ضلعي جي جاتي شهر جي رهواسي زال مڙس ابوبڪر ٿهيم ۽ ياسمين ٿهيم اچي دانهيو آهي ته اسان کي پنهنجي ويجهن عزيزن قتل ڪرائڻ لاءِ هٿياربندن ذريعي قاتلانه حملو ڪرائين اغوا ڪري لاش گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر اسان پنهنجون حياتيون هٿياربندن جي ڪيل حملي دوران بچائي جاتي شهر مان رات جي وقت نڪري آياسين ، پوري رات پيادل سفر ڪري پنهنجون جانيون ته بچائي ورتيون آهن پر اسان کي ڪيترائي خدشا آهن ته اسان جا عزيز اسان کي ڳولهي ڳولهي قتل ڪري لاشن جا ڳڀا ڳڀا ڪري اسان جا لاش دفن ڪري سگهن ٿا ، جنهن ۾ اسان کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ ڪيل قاتلانه حملن جي ڪري اسان هاڻي ڪٿي به ڪنهن به هڪ شهر جي اندر رهي نٿا سگهون اسان هن وقت سجاول ضلعي ۾ هڪ ڳوٺ جي اندر پناھ ورتي آهي پر اسان کي اهو به اطلاع مليو آهي ته حملي آور اسان جو رهڻ وارو ڳوٺ به معلوم ڪري ورتو آهي جنهن جي ڪري هاڻي اسان کي حياتين جو خطرو آهي ، اسان کي حياتين بچائڻ لاءِ حڪومت پوليس جي ذريعي تحفظ فراهم ڪري ، زال مڙس ابوبڪر ٿهيم ۽ ياسمين ٿهيم صدر پاڪستان ، وزيراعظم پاڪستان ، سنڌ جي وڏي وزير ، گورنر سنڌ ۽ ٻين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ۽ حملا ڪندڙ جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جي گهر ڪئي آهي.

شهدادپور ۾ علاءُ الدين جوڻيجي کي آجياڻو

شھدادپور ( ن ع آ) سماجي تنظيم هوپ فائونڊيشن جي طرفان شھدادپور پريس ڪلب ۾ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي روشن دين جوڻيجو جي فرزند مشهور سياسي سماجي شخصيت علاو الدين جوڻيجو جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ شهر جي معززين. سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي علائو دين جوڻيجو خطاب ڪندي ڇيو ته سانگھڙ ضلعي اندر امن امان جي خراب صورتحال ڏسي دلي تڪليف پهتي آهي. جنهن تي خاموش نه ويهنداسين.تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.ڪمپني اختيارين قبلو درست نه ڪيو ته عوام سان گڏ سخت احتجاج ڪيو ويندو.هن چيو ته سماجي تنظيم هوپ جي چيف آرگنائيزر رائو محمد يوسف ۽ سندس ٽيم جنهن انداز ۾ ھتان جي ماڻھن جي حوصلا افزائي ڪري خلق خدمت ڪري پئي.اهو عمل قابل ذڪر آهي.هن چيو ته پيلزپارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. جوڻيجو فيملي بنان ڪنهن رنگ نسل هتان جي عوام جي جيڪا خدمت ڪئي آهي.اها سڀني آڏو آهي.اسان پنهنجي وڏن جي انهي مشن کي جاري ساري رکنداسين.ٽائون ڪاميٽي جٽيا جي چيئرمين راڻا رمضان راجپوت. خطاب ڪندي چيو ته هن افراتفريع واري دور ۾ سماجي ماڻھن سميت مختلف شعبن ۾ مڃتا ماڻيندڙن کي اعزاز ڏيڻ واري روايت هوپ فائونڊيشن رکي هڪ اعزاز حاصل ڪيو آهي.پريس ڪلب جي چيئرمين.مهدي حسن پنهور.سنڌي ادڀي سنگت شاخ شھدادپور جي ڪائونسلر. نيازجاني ڏيٿو.سماجي اڳواڻ. هادي زبيرابڙو.راڻا خالد محمود.القريش پاڪستان جي صدر ممتازقريشي.۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته معاشري جي ترقي ۽ تعمير ۽ اجتماعي جدوجهد جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.