چيلهار ۾ مندر جي اڏاوت جو ڪم رولڙي جو شڪار

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار ۾ شري ھنگلاج ماتا جي بلڊنگ وارو ڪم نه ٿي سگھيو شھر جي اقليتي برادري وڏي انگ مايوسي جو شڪار چونڊيل نمائيندن اقليتي اڳواڻ پاڪستان ھندو ڪائونسل اڳواڻن کان مندر جو ترقياتي ڪم ڪرائي ڏيڻ جي گُھر خبر موجب چيلھار جي شري ھنگلاج ماتا جي مندر جي بلڊنگ وارو ڪم نه ٿي سگھيو آھي بلڊنگ وارو ڪم ڪرائڻ لاء مندر جي پوڄارين شيواڌارين گڏجاڻيون ڪري ميٽنگون منعقد ڪرائي مندر جي نئين بلڊنگ واري ڪم جي تڪ جي چونڊيل نمائيندن اقليتي نمائيندن پاڪستان ھندو ڪائونسل سميت ذميوار ڌرين کان مطالبو ڪيو پر ان باوجود مندر جي بلڊنگ واري ڪم جو ٽينڊر نه ڪرايو.  مندر جي ڪم وارو ٽينڊر نه ڪرڻ سبب چيلھار شري ھنگلاج ماتا جي مندر جي پوڄارين ڀيرو مھراج مھيش مھراج لو مھراج مشڪي ميگھواڙ وشنو ميگھواڙ نارائڻ ڀيل ۽ ٻين چيو پاڪستان ۾ مندرن جي نئين بلڊنگ جو ٽينڊر ٺھيل ڪمزور بلڊنگن جي رپئير لاء بجيٽ رکي وئي وڃي ٿي پر ان باوجود مندر جي بلڊنگ وري  ڪم جو ذميوار ڌريون ٽينڊر نٿيون ڪن ھنن وفاقي سرڪاري, سنڌ سرڪار, اقليتي چونڊيل نمائيندا, پاڪستان ھندو ڪائونسل, سميت ماتا جي پوڄاري راڻا ھمير سنگھ راڻا ڪرڻيسنگھ کان مطلبو ڪيو چيلھار جي شري ھنگلاج ماتا جي مندر واري بلڊنگ مندري جو ڪمرو ستسنگ حال جو ڪم ڪرائي ڏئي بيچيني ختم ڪرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.