ڀٽ شاهه ۾ راڳي الهڏني فقير کي سرن سان ڀيٽا

ڀٽ شاهه (ن ع آ ) ڀٽ شاه ۾ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي واري راڳي مرحوم الهڏنو فقير نظاماڻي جي پنجين ورسي ملهائي وئي ورسي جي موقعي تي سنڌ سڪار سوسائٽي طرفان مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ شاه جي راڳي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، ڀٽ شاهه جي نگري ۾ منعقد ڪيل ورسي تقريب ۾ سنڌ سڪار سوسائٽي جي چيئرمين سردار اياز علي ميمڻ ، فقير منظور علي خاصخيلي ، عبدالرشيد ڏيٿو ،شڪور ناز خاصخيلي ـ راجا وزير سنگراسي ـ  شاه جي راڳي فقيرن لعل محمد ميرجت ، گل محمد پهوڙ ، حاجن فقير نظاماڻي ، فقير امير علي نظاماڻي ، سيد شوڪت شاه ، منٺار فقير جوڻيجو ، شاھنواز نظاماڻي ـ وريام فقير ، عنايت فقير ، صحافين رجب علي بوزدار ، حيدربخش وساڻ ، امير علي بليدي ، محمد جمن ، عابد شاهاڻي ، شهرين قيصر پٺاڻ ، مريد علي ورياه ، عابد علي راجپوت سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ورسي تقريب ۾ شاه جي راڳي فقيرن پاران دنبوري جي تند تي سر پيش ڪري مرحوم فقير الهڏنو نظاماڻي کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ۽ راڳ جو سلسلو دير تائين جاري رهيو ، ان موقعي تي شاه جي راڳي فقيرن ۽ سنڌ سڪار سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو تـ فقير الهڏنو نظاماڻي شاه جي راڳ ۾ وڏو نالو هو جنهن پنهنجي پوري زندگي ڀٽائي جي راڳ تي وقف ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جيڪي اڄ بـ درگاه تي شاه جو راڳ پيش ڪري رهيا آهن هنن چيو تـ استاد الهڏنو فقير نظاماڻي جي اولاد مان 2 پٽ بـ هن وقت سندس نقش قدم تي هلندي درگاه تي دنبوري جي تند سان شاه جو راڳ پيش ڪن ٿا اڄ ان جي پنجين ورسي تي مختلف ڌريون ۽ شاه جا راڳائي فقير ان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ۽ ان جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ـ تقريب جي آخر ۾ مرحوم راڳي فقير الهڏنو نظاماڻي جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري وئي ۽ لنگر نياز تقسيم ڪيو ويو ـ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.