يوسي ريتي جو سيڪريٽري گم، شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

ريتي (ن ع آ) ريتي يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري ڪالي داس  جڏهن کان چارج سنڀالي آهي  لڳاتار يونين ڪائونسل مان غائب آهي، جنهن جي ڪري کيس شهر گندگي جي ور چڙهي چڪو آهي روڊ رستن تي گندي پاڻي  بيهڻ  جي سبب روز مره جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي شهرين جو چوڻ هو ته  ريتي شهر کي سنڌ حڪومت پاران فنڊ رليز  ڪرڻ جي باوجود به کيس ترقياتي ڪم ۽ صفائي جي عمل کي پڻ ڄاڻي واڻي روڪيو ويو آهي،  جڏهن  اهڙو سوال روزاني عوامي آواز طرفان  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان ڪيو ويو ته کيس انهن جو چوڻ هو  سيڪريٽري ڪالي داس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي۽ کين سخت پڇاڻو ڪبو ۽ جلد ريتي شهر جي اندر ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪرائي شهرين جي تڪليفن کي دور ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.