ملير ۾ ڊرائيور جو ٻارن سميت ڪمپني خلاف احتجاج

ملير (ڊ.ر) آئي مڪس ڪمپني جو درائيور حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ معذور بڻجي ويو، ڪمپني انتظاميا معذور ڊرائيور جو علاج ڪرائڻ جي واعدي تان ڦري وئي، معذور ڊرائيور نذر بگٽي جو پنهنجي وارثن قربان بگٽي، مصري بگٽي، مير حسن آچراڻي سان گڏ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ڊرائيور نذر بگٽي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آئي مڪس ڪمپني جي گاڏي تي ڊيوٽي دوران حادثو پيش آيو جنهن سبب منهنجون ٻه ٽنگون، هڪ هٿ ٽٽي پيا آهن، ڪيترائي ڏينهن ٽراما سينٽر ۾ زير علاج رهڻ بعد پئسا نه هئڻ سبب مون کي سينٽر مان ڪڍيو ويو آهي،  حادثو گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب ٿيو، ڪمپني انتظاميا مون سان واعدو ڪيو ته تنهنجو علاج آئي مڪس ڪمپني پاران ڪرايوويندو پر اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ انهن منهنجو ڪوبه علاج نه ڪرايو آهي ۽ منهنجي چار مهينن جي پگهار پڻ روڪي ڇڏي آهي، ڪمپني انتظاميا ڊيوٽي دوران حادثو پيش اچڻ جي صورت ۾ ملازمن جو علاج ڪرائڻ سان گڏ صحتياب ٿيڻ  تائين پگهارون ڏيندي آهي پر آئي مڪس ڪمپني انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي مون کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، مان صوبائي وزير ليبر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته آئي مڪس ڪمپني خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منهنجي مالي مدد ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.