کوسڪي (رپورٽ: غلام رسول کوسو) کوسڪي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ سھولتن جي اڻھوند شھري توڙي ٻھراڙين مان ايندڙ مريض پريشان ڊيوٽي تي ويٺل عملو مريضن سان بدتميزي ڪرڻ لڳا نوٽيس ورتو وڃي شھرين جو مطالبو. کوسڪي ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کانسوا اسپتال ۾ دوائون ۽ ٻيون صحت جون سھولتون صرف ڳالهين ۾ رھجي ويون شھري توڙي ٻھراڙين جي علائقن مان مريضن کي گوري به نٿي ڏني وڃي جڏنھن ته اسپتال اين جي اوز آئي ايڇ ايس جي حوالي ٿيڻ کانپو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ دوائون اڻلڀ ايڪسري ايلٽراسائونڊ ايمبولنس کان محروم آهي جڏنھن ته ڊيوٽي ڪندڙ عملو مريضن کي پريشان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ ۾ پورو ھوندو آهي ھتان جي شھرين عمران کوسو ستار ٻرڙو روشن ملاح ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته اسپتال ۾ صحت جي حوالي سان به سھولت ميسر ناهي غريب طبقو دوا ڪرائڻ لا اچن ٿا انهن کي گوري به نٿي ملي انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ صحت جون سھولتون ميھا ڪيون وڃن ۽ راشي عملي کي ھٽايو وڃي.